لاهور-18 فيبروري (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي شهيد ليفٽيننٽ محمد حسان اشرف جي گهر پهچي سندس والد محمد اشرف، ڀاءُ محمد حنان اشرف ۽ ٻين ڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ جوان پُٽ جي شهادت تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم جي والد ۽ ڀاءُ کي دلاسو ڏنو. گهرو وزير مرحوم جي بهادري کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪندي مرحوم جي والد ۽ ڀاءُ جي بلند حوصلن کي ساراهيو. هن مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار ڪٽنب لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. هن چيو ته مرحوم خوارجي دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي وطن تي جان قربان ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم جي والد جا بلند حوصلا ڏسي اسان جو عزم مضبوط ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد هميشه زنده هوندا آهن ۽ مرحوم هميشه اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. واضح رهي ته ليفٽيننٽ محمد حسان اشرف 3 ڏينهن اڳ ميران شاهه ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي.