اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ کي ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ريلوي گذريل 3 سالن دوران مال بردار ويگنن کي آئوٽ سورس ڪيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر قرة العين مري ۽ شهادت اعواڻ جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئوٽ سورسنگ جا ٺيڪا مڪمل طريقيڪار اختيار ڪرڻ کانپوءِ لاڳاپيل ڌُرين کي ڏنا ويندا آهن. آئوٽ سروس ڪرڻ لاءِ کُليل واڪ ذريعي اشتهار ڏئي اهو عمل شروع ڪيو ويندو آهي، ڪامياب واڪ ڏيندڙ کي ڪل رقم جو 15 سيڪڙو اڳواٽ جمع ڪرائڻو پوندو، جڏهن ته باقي رقم 10 برابر قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي آهي، معاهدي جو مدو 2 سال هوندو جيڪو وڌيڪ هڪ سال تائين وڌائي سگهجي ٿي.