اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته جيستائين قوم ۽ خاص ڪري نوجوان پاڪ فوج پٺيان بيٺل آهن، ته انشاء الله پاڪ فوج کي ڪو به شڪست نه ڏئي سگهندو، وڙهڻ وقت پختون، بلوچي يا پٺاڻ ۾ ڪو به فرق ناهي هوندو، جڏهن ته اسان سڀئي ساٿين وانگر وڙهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ پاڪستانيت ئي سڀ ڪجهه آهي، خوارجي اسلام جي غلط تشريح ڪري رهيا آهن، جيڪا اسلام ۾ جائز ناهي، پاڪ فوج فتنه الخوارج خلاف وڙهي رهي آهي، قرآن پاڪ ۾ به الله تعاليٰ ۽ اسان جي پياري پيغمبر (صلي الله عليه وسلم) سان جنگ ڪندڙن خلاف جهاد جو حڪم ڏنو آهي، انهن بابت آخرت ۾ به سخت عذاب جو واعدو آهي، اسلام دنيا جو واحد ۽ پهريون مذهب آهي، جنهن عورت کي عزت ۽ احترام ڏنو، عورت جي عزت کي ڪير به نٿو کسي سگهي، اهڙي طرح ڪنهن گمراهه گروهه کي پاڪستان تي پنهنجون پاڙون ڄمائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاگردن سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي نوجوانن سان ڳالهه ٻولهه هميشه انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي، اسان جڏهن به توهان سان ڳالهائيندا آهيون ته اها ان حقيقت جي عڪاس آهي ته مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته جيستائين قوم پاڪ فوج پٺيان بيٺل آهي، خاص ڪري نوجوان پاڪ فوج جي پٺيان بيٺل آهن ۽ جيستائين اسان جي اندر قرباني جو جذبو موجود آهي ته انشاء الله پاڪ فوج کي ڪير به شڪست نه ڏئي سگهندو. آرمي چيف چيو ته اسان ڪامريڊز وانگر وڙهندا آهيون ۽ جڏهن اسان وڙهي رهيا هوندا آهيون ته اسان کي ڪا به خبر ناهي هوندي ته ڪير پختون آهي، ڪير بلوچ ۽ ڪير پٺاڻ آهي. هن چيو ته اسان بس ڪامريڊز ۽ ساٿين وانگر وڙهندا آهيون. هن چيو ته اسان جي لاءِ پاڪستانيت ئي سڀ ڪجهه آهي ته اسان سڀئي پاڪستاني آهيون ۽ اسان پاڪستان سان محبت ڪندا آهيون. هن چيو ته پاڪ فوج اڄ ڪلهه فسادين، فتنه الخوارج سان وڙهي رهي آهي. هن چيو ته فسادي جهاد ناهن ڪري رهيا پر اهي خوارجي آهن جيڪي دين کان پري آهن، انهن وٽ اسلام جي پنهنجي غلط تشريح آهي جيڪا اسلام ۾ جائز ناهي. هن چيو ته ان بابت الله تعاليٰ جا حڪم اهي آهن ته جيڪي الله ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سان جنگ ڪندا آهن ۽ زمين تي فساد ڪندا آهن انهن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن قرآن پاڪ جي آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي، ته انهن کي ڦاهي تي لٽڪائي ڇڏيو يا مختلف پاسن کان انهن جا هٿ پير ڪٽي ڇڏيو يا پنهجي زمين تان انهن کي دربدر ڪري ڇڏيو. هي انهن لاءِ دنيا اندر سزا آهي ۽ آخرت ۾ انهن کي وڏو عذاب ڏنو ويندو. هن قرآن پاڪ جي آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪي ان کان بچڻ چاهين ٿا انهن لاءِ الله تعاليٰ صرف هڪ گنجائش رکي آهي، ان کان پهرين ته توهان انهن کي پڪڙيو، ان کان پهريان هو توهان جي تائب ٿي وڃن، توهان جي سامهون تسليم ڪن ته پوءِ انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته الله تعاليٰ تمام غفور ۽ رحيم آهي، آرمي چيف خوارجين کي مخاطب ڪندي چيو ته پنهنجو پاڻ کي رياست آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو تڏهن هو رياست کان رحم جي اميد ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ان بنياد تي فوج اڄ به هر روز فتنه الخوارج خلاف وڙهي رهي آهي. هن چيو ته اسان مذهب جي ان تشريح سان متفق ناهيون. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلام اهو پهريون مذهب آهي جنهن عورت چاهي هوءَ ماءُ هجي، يا گهر واري يا ڀيڻ هجي ان کي عزت ڏني ۽ ان جي عزت ۽ احترام کي بلند ڪيو. هن چيو ته عورت کي ڪنهن به ڪردار ۾ وڌ کان وڌ عزت اسان جي مذهب ڏني آهي. هن چيو ته اڄ توهان ڪير ٿيندا آهيو ان کي کسڻ وارا، توهان ڪير آهيو، توهان کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي، ان کي ڪير به ڇني نٿو سگهي. جنرل سيد عاصم منير چيو ته اسان ان قدم جي گمراهه ڪندڙ گروهه کي ڪڏهن به پنهنجي ملڪ تي پنهنجون پاڙون ڄمائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.