اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ هن ان بزدلاڻي ڪارروائي کي ملڪي امن ۽ استحڪام تي حملو قرار ڏيندي چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کان ناخوش آهن ۽ اهڙي طرح جي ڪارروائين ذريعي ترقياتي عمل کي روڪڻ چاهين ٿا. سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته قوم پنهنجي بهادر پٽن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سيد يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جو عزم ۽ حوصلو بلند آهي ۽ اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جي ناسور کي پاڙئون پٽڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن ۽ ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي سفر کي جاري رکيو ويندو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي ڪرڻ لاءِ دعا پڻ ڪئي.