اسلام آباد- 16 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ اتر اولهندي بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ جهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري ٿي. سڀ کان وڌيڪ مالم جبه 04، پٽن 03، مير کاني، چترال ۽ دير ۾ هڪ ملي ميٽر برسات جڏهن ته مالم جبه ۾ 01 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي. آچر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 08، ڪالام، گوپس ۾ ڪاٽو 04، بگروٽ ۾ ڪاٽو 03 ۽ اسڪردو ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.