اسلام آباد- 16 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ ليويز پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي فائرنگ ۾ شهيد ليويز اهلڪار علي نواز کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزارت طرفان جاري پڌرائي مطابق گهرو وزير شهيد ليويز اهلڪار علي نواز جي ڪٽنب ڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمي ٿيل 2 ليويز اهلڪارن جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. محسن نقوي چيو ته دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل ليويز اهلڪار علي نواز جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا، ليويز اهلڪار علي نواز فرض جي ادائگي دوران جان قربان ڪري شهادت جو اعليٰ مرتبو حاصل ڪيو، شهيد پنهنجي قيمتي جان وطن جي امن لاءِ قربان ڪئي آهي.