اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي بهار جي جشن جي رٿيل پروگرام جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. وفاقي گهرو وزير ان موقعي تي چيو ته عوام جي تفريح لاءِ پهريون ڀيرو روايتن کان هٽي منفرد پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته بهار جي جشن جو مقصد پاڪستان جي ثقافت ۽ روايتن کي اُجاگر ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ سفارتي برادريءَ کي به دعوتون ڏنيون وينديون ته جيئن اهي به ملڪ جي ثقافتي خوبصورتي سان روشناس ٿي سگهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي ڪمپنين جي سي اي اوز کي به خصوصي دعوتون ڏنيون وينديون. گهرو وزير پوليس لائنز ۾ بهار جي جشن لاءِ ٿيل شمع پريڊ جي ريهرسل جو به معائنو ڪيو ۽ ان کان علاوه محسن نقوي جي صدارت هيٺ بهار جي جشن جي تياريءَ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي اسلام آباد، ڊي سي اسلام آباد سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اسلام آباد جا شهري 25، 26 ۽ 27 تي ان رنگارنگ فيسٽيول مان لطف اندوز ٿي سگهندا، جنهن ۾ سڄي دنيا جي روايتي ۽ مشهور کاڌن جا اسٽالز به لڳايا ويندا. بهار جي جشن دوران مختلف ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو. رينجرز جو جٿو مشعل پريڊ، جڏهن ته اسلام آباد پوليس جو جٿو شمع پريڊ جو شاندار مظاهرو ڪندا.