اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي شاهه رڳ ۾ مزدورن جي گاڏيءَ ويجهو بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير ڌماڪي ۾ 11 مزدورن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير زخمي مزدورن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. هن چيو ته معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙ وحشي ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن. مارجي ويل مزدورن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ڏک جي گهڙيءَ ۾ ڏکويل ڪٽنبن سان گڏ آهيان.