اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ۾ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ (ترميمي) بل 2022ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي مدي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سڌ سماءُ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد علي ظفر رٿ پيش ڪئي ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ (ترميمي) بل 2022ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي مدي ۾ 60 ڏينهن جي توسيع ڏني وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.