اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبهوا ۾ تبديلين جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ترقي يافته ملڪ ڪلائميٽ فنانسنگ جي سلسلي ۾ پنهنجا واعدا پورا ڪندا، پاڪستان گڏيل قومن سان مختلف منصوبن تي عملدرآمد سميت موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ اهم معاملن تي ڪم جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحييٰ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم پاران پاڪستان ۾ جاري اهم ڪم کي ساراهيو ۽ پائيدار ترقي ۽ آبهوا ۾ تبديلين جي شعبن ۾ گڏيل قومن سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ڪردار کي ساراهيو. هن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان ويجهي تعاون ۽ حصيداري ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي مقصد کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط سياسي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪلائميٽ فنانسنگ هڪ اهم عنصر آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ترقي يافته ملڪ ان سلسلي ۾ پنهنجي واعدن کي پورو ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن سان مختلف منصوبن تي عملدرآمد سميت موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ اهم معاملن تي ڪم جاري رکندو. وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي لاءِ مالياتي فرق کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي ذريعي عالمي مالياتي ادارن ۾ اسرندڙ ملڪن جي آواز ۽ نمائندگي کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.