اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آھي ته ترڪيه جي صدر طيب اردگان جي دوري سان ٻنھي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا سھڪار ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي ملندي. سينيٽ سيڪٽريٽ مان جاري پڌارئي مطابق ھڪ بيان ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ گھرا تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آھن جيڪي وقت سان گڏو گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رھيا آھن. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بيان ۾ چيو ته صدر طيب اردگان جي پاڪستان جي دوري سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي ملندي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، ان دوري دوران ٻنھي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سھڪار کي وڌائڻ لاءِ اھم معاھدن ۽ مفاھمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آھن. سيدال خان ناصر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ دفاعي، اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي شعبن ۾ سھڪار جا وسيع امڪان موجود آھن، جن کي ان دوري دوران وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سطح تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ به اھم قدم کنيا ويا آھن. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم ميان شھباز شريف کي تازي سفارتي ڪاميابين تي مبارڪون ڏيندي چيو ته سندن قيادت ۽ بھترين سفارتڪاري سبب پاڪستان عالمي سطح تي پنھنجي مقام کي وڌيڪ مضبوط ڪري رھيو آھي. ھن ان اميد جو اظھار ڪيو ته موجوده قيادت جي ويزن ۽ متحرڪ پرڏيھي پاليسي سان پاڪستان عالمي سطح تي وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندو. سيدال خان ناصر چيو ته ترڪيه جي صدر طيب اردگان جي پاڪستان جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي عوام وچ ۾ محبت ۽ ڀائچاري کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ھڪ اھم سنگ ميل ثابت ٿيندو.