اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليڪٽرڪ گاڏي جو پرخلوص تحفو ڏيڻ تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جا ٿورا مڃيا آهن، هن ترڪيه جي صدر سان گڏ گاڏي ڊرائيو ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خوشگوار جملن جي پڻ ڏي وٺ ٿي، گاڏي ۾ ترڪ خاتون اول امينه اردوان ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پڻ ساڻن گڏ هئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪيه جي اليڪٽرڪ گاڏي ”ٽوگ“ تحفي ۾ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2030ع تائين 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ جو عزم رکي ٿو، اليڪٽرڪ گاڏين جي فروغ سان فضائي آلودگي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، اليڪٽرڪ گاڏين جو انگ وڌڻ سان ملڪ مان پيٽرول ۽ ٻئي ٻارڻ تي دارومدار ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم ترڪ آٽوموٽيو انڊسٽري پاران ڪيل اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي آٽوموٽيو ڪمپنين جي وچ ۾ تعاون جي خواهش ظاهر ڪئي.