اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) ترڪيه جي خاتون اول امينه اردوان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ خاص طور تي تعليمي شعبي ۾ گهري دوستي کي اجاگر ڪندي معارف انٽرنيشنل اسڪول ايڇ ايٽ جو دورو ڪيو جيڪو ترڪ معارف فائونڊيشن جي قائم ڪيل تعليمي ادارن جي عالمي نيٽ ورڪ جو حصو آهي. خاتون اول جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اداري جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اسڪول ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب دوران شاگردن ترڪ خاتون اول جي استقبال جي لاءِ شاندار ثقافتي پرفارمنس پيش ڪئي جيڪا پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. خاتون اول شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهن جي تخليقي ڪم جو مشاهدو ڪيو ۽ ايندڙ نسلن جي جوڙجڪ ۾ اسڪول جي ڪوششن کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مثالي سفارتي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل تاريخ، قدرن ۽ گڏيل احترام سان ڳنڍيل آهن. سالن کان ٻنهي ملڪن دفاع، واپار، صحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ ڪارائتو تعاون ڪيو آهي. ترڪيه پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۽ انساني بنيادن تي قدمن جي حمايت ۾ اهم حصيدار رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ترڪيه جي اڻٿڪ سفارتي حمايت ڪري ٿو. ترڪ حڪومت جي سرپرستي م ترڪ معارف فائونڊيشن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن پاڪستان ۾ ڪيترائي ادارا قائم ڪيا آهن جيڪي اسلامي قدرن ۽ ثقافتي ورثي جي عنصرن کي شامل ڪندي عالمي تناظر سان گڏ جديد تعليم فراهم ڪن ٿا. خاتون اول جي دوري پاڪستان جي تعليمي شعبي جي حمايت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ترڪيه جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب جي پڄاڻي اسڪول انتظاميا ۽ ترڪيه جي وفد جي وچ ۾ خيرسگالي جي پيغامن جي مٽاسٽا سان ٿي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو. معارف اسڪول نيٽ ورڪ ۾ عالمي سطح تي تسليم ڪيل نصاب جي تعليم ڏني وڃي ٿي، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ زبانن تي ڌيان ڏيندي شاگردن جي اعليٰ تعليم ۽ عالمي ڪيريئر جي لاءِ ڪونسلنگ ڪئي وڃي ٿي. معارف انٽرنيشنل اسڪول ترڪ معارف فائونڊيشن جو هڪ پراجيڪٽ، جديد ترين تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ، سينٽر فار ايڪسيلينس ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وقف آهي.