اسلام آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسڪو جي انتظام ھيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريڊيو جو عالمي ڏينھن 13 فيبروري تي ملھايو ويو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ خبرن ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ريڊيو جي اھميت سميت ان جي بين الثقافتي ۽ بين اللساني ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آھي. ريڊيو جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سڄي ملڪ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنز تان مختلف پروگرام نشر ڪيا ويا ۽ ترقي جي جديد دور ۾ ريڊيو جي اھميت کي اجاگر ڪيو ويو. واضح رھي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي موجوده دور ۾ اڄ به ريڊيو جي اھميت ۾ ڪا گهٽتائي ناھي ٿي. شھرن، ڳوٺن ۽ ڏورانھن وارن علائقن ۾ اڄ به خبرن ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ريڊيو عوام ۾ تمام گھڻو مشھور آھي.