اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه دفاع، معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، صحت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪندي ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي صدر سان مختلف شعبن ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي لاءِ هڪ ٽيم جي طور تي ڪم ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار حصيداري کي فروغ ملي رهيو آهي، ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، دهشتگردي پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاءِ گڏيل مسئلو آهي، اسان ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون، اميد ڪريون ٿا ته افغانستان دهشتگردي ڦهلائڻ بدران دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تعاون ڪندو جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته پنهنجي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهيا آهيون، ترڪيه گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت ڪندو رهندو، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي حمايت ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ پروٽوڪولز ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ملاقات ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاس ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، زراعت، تعليم، توانائي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ بنيادي ڍانچي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، ٻنهي ملڪن جي لاءِ توهان جو دورو تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو، توهان 5 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهيو، پاڪستان جي عوام اڄ تمام گهڻو خوش آهي، ترڪيه جي عوام سان پاڪستان جي عوام جا گهرا لاڳاپا آهن ۽ اهي صديون پراڻا اسان جا رابطا وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته ترڪيه ۾ آزادي جي تحريڪ دوران ننڍي کنڊ جي عوام انهن جي ڀرپور حمايت ڪئي. هن چيو ته ترڪيه زلزلي، ٻوڏ سميت هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، 2010ع ۾ جڏهن پنجاب ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ آئي ته ترڪيه جي حڪومت توهان جي قيادت ۾ پاڪستان جي عوام جي ڀرپور مدد ڪئي، ان سان اسان جي ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ٿئي ٿي، ترڪيه جي خاتون اول ۽ توهان ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، اسڪو، اسپتال ۽ گهر تعمير ڪرايا، فراخدلي سان امداد ڪري پاڪستان جي عوام جُون دليُون کٽي ورتيُون، مولانا جلال الدين رومي جا جملا اسان کي ياد آهن جن چيو هو ته همدرديءَ ۽ فضل، سج جڏهن ته سخاوت ۽ ٻين جي امداد ڪرڻ درياءَ جي مثل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، توهان جي دوري سان اسان جي ڀائراڻي لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. وزيراعظم چيو ته صدر رجب طيب اردوان اسلامي دنيا جو انتهائي قابل احترام اڳواڻ آهي، پنهنجي ويزن ۽ قائداڻي صلاحيتن جي ڪري نه رڳو ترڪيه کي بدلائي ڇڏيو پر ترڪيه جو ڳاڻيٽو هاڻي دنيا جي اهم ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ترڪيه غزه، فلسطين ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ڀرپور ۽ واضح موقف اختيار ڪيو آهي جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پائيدار حصيداري کي هٿي ملي رهي آهي، ترڪيه سدائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ واضح موقف اختيار ڪيو آهي، اهڙي طرح پاڪستان اتر قبرص جي معاملي تي ترڪيه جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي جهڙي طرح توهان ساراهيو آهي ان تي توهان جا ٿورائتا آهيون، دهشتگردي پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاءِ گڏيل مسئلو آهي، اسان ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغانستان دهشتگردي ڦهلائڻ بدران دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تعاون ڪندو. وزيراعطم چيو ته ترڪيه جي صدر سان اسان واپار، سيڙپڪاري، اسٽريٽجڪ تعاون، دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون آهن جن ۾ خصوصي اقتصادي زونز جو قيام پڻ شامل آهي جيڪي ترڪيه جون ڪمپنيون ٺاهينديون، انهن معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي لاءِ هڪ ٽيم جي طور تي ڪم ڪنداسين. ترڪيه جي صدر رجب طيب ارودان چيو ته پاڪستان کي اسان پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا ۽ اسان جي وچ ۾ دوستي جو مضبوط رشتو قائم آهي، آزادي جي جنگ دوران ننڍي کنڊ جي عوام اسان جي ڀرپور حمايت ڪئي، قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال اسان جا به هيرو آهن، پاڪستان اچي دلي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪائونسل 2009ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، اها ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو هڪ اهم فورم آهي، ڪائونسل جي ستين اجلاس ۾ اسان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، واپار، پاڻي وسيلن، دفاع، تعليم، توانائي، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 24 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اسان نه رڳو ٻطرفي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ به ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بزنس فورم جو پڻ انعقاد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ڪاروباري شخصيتون شامل هونديون، اسان پنهنجي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ان کانسواءِ ملٽري ڊائيلاگ ۽ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائينداسين. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ان ڳالهه مان به ٿئي ٿي ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام پاران ترڪيه جي عوام سان يڪجهتي کي وساري نه ٿو سگهجي، اسان دهشتگردي ۽ علائقائي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قربانين کي ساراهيون ٿا ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي غيرمشروط حمايت ڪريون ٿا، دهشتگردي جي واقعن ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ پاڪستاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته پاڪستان پاران ترڪيه ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف جنگ ۾ حمايت کي ساراهيون ٿا. فتح تنظيم کي دهشتگرد قرار ڏيڻ ۽ ان جي اسڪولن کي ترڪ معارف فائونڊيسن جي حوالي ڪرڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي، ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جي اسڪولن جو پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار هوندو، اسان اسڪالرشپ جي پروگرامن جي ذريعي ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ دوستي جي رشتي کي مضبوط بڻائيندا رهنداسين. ترڪ صدر چيو ته ترڪ رياست ۽ قوم ماضي وانگر ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، ترڪيه گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت ڪندو رهندو، پاڪستان پاران ترڪ قبرص جي معاملي تي حمايت اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته فلسطين مسئلي تي پاڪستان جو مضبوط موقف تمام اهم آهي، اسان پاڪستان سان گڏجي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ٻين عالمي پليٽ فارمز تي فلسطينين جي جائز حق جي لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين، اهڙي وقت ۾ جڏهن غزه جي ڀينرن ۽ ڀائرن بابت نوان منصوبا پيش ڪيا پيا وڃن، گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي، اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي حمايت ڪريون ٿا، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي قائم هجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستاني عملدارن ۽ پاڪستان جي ڀائر عوام پاران ميزباني تي انهن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدا ۽ مفاهمت جون يادداشتون ٻنهي ملڪن ۽ علائقي جي لاءِ لاڀائتيُون ثابت ٿينديون.