اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر جمهوريه ترڪيه رجب طيب اردوان جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ ترڪ ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن لاڳاپنکي گڏيل طور تي ڪارائتي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ترڪيه – پاڪستان هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت پڻ ڪئي. رجب طيب اردوان جيڪو 12 فيبروري جي رات سرڪاري دوري تي پهتو هو، جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شاندار استقبال ڪيو. ترڪيه جي صدر پنهنجي اعزاز ۾ پيش ڪيل گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، پي اي ايف جي ويڙهاڪ جهازن جو فلاءِ پاسٽ ڏٺو ۽ وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ هڪ ٻوٽو لڳايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ ترڪ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بعد ۾ ترڪيه – پاڪستان هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جو ستون اجلاس ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت ٻنهي اڳواڻن ڪئي. ايڇ ايل ايس سي سي ۾ ٻنهي طرفن جي لاڳاپيل وزيرن تعاون جي مختلف شعبن جو احاطوڪندڙ 9 گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اڳڀرائي جون رپورٽون پيش ڪيون. صحت ۽ آءِ ٽي جي ٻن نئين گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽين پڻ پنهنجون رپورٽون پيش ڪيون. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير پاڪستاني ۽ ترڪ اڳواڻن سان گڏوگڏ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڀائتن قدمن، بهتر ڪاروباري معاملن ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ترڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان جي معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي منظرنامي جي بي پناهه صلاحيت مان فائدو کڻن ۽ زراعت، نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون جي لاءِ ڪم ڪن. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي صدر اردوان جي مضبوط، مستقل ۽ اصولي موقف تي ان جا ٿورا مڃيا ۽ ترڪيه جي قومي مفاد جي بنيادي مسئلن تي ترڪيه جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان دوران وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ هنن فلسطيني عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي وارو شهر بڻائڻ سان گڏ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست فلسطين جي قيام جو تصور پيش ڪيو ويو آهي. گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪرڻ کانسواءِ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ 24 مفاهمت جي يادداشتن، پروٽوڪولز ۽ معاهدن جي مٽاسٽا جو پڻ مشاهدو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ترڪ صدر جي اعزاز ۾ اسلام آباد ۾ هڪ مرڪزي انٽرچينج جي نالي جي تختي جي رونمائي پڻ ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر اردوان جو تاريخي دورو ۽ ايڇ ايل ايس سي سي جي ستين اجلاس جو انعقاد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه فراهم ڪندو.