اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ايوان کي خاطري ڪرائي ته حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز کي بند ناهي ڪري رهي پر ري اسٽرڪچرنگ طرف وڃي رهي آهي، جڏهن ڪو به ادارو بند ڪيو ويندو آهي ته ان جي مستقل ملازمن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو آهي. سياسي پهچ تي پاڙي پاڙي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز کوليا ويا ۽ سياسي ڀرتين جي ڀرمار ٿي. هڪ تڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جا 3 هزار ملازم آهن. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض واري نُقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. راجا پرويز اشرف اعتراض واري نُقطي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پارٽيءَ طرفان آصفه ڀٽو يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي حوالي سان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس آندو جنهن تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين خاطري ڪرائي ته اسان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن بند نه پيا ڪريون، ايوان کي خاطري ڪرائي وئي ته اسان به مڃي ورتو پر ان کان پوءِ به خبرون اچڻ لڳيون ته يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪري رمضان پيڪيج لاءِ متبادل انتظام ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ به معاملو بحث هيٺ آندو ويو، سڀني گڏيل طور تي چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز بند نه ٿيڻ گهرجن. 15 هزار ملازمن کي بيروزگار ۽ 7 هزار اسٽورز اوچتو ڪيئن بند ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن مئنجيمنٽ جو معاملو آهي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. جنهن تي وفاقي وزير چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز کي حڪومت بند ناهي ڪري رهي، جڏهن اهو ادارو بڻيو هو ته ان وقت عام ماڻهوءَ کي رليف ملندو رهيو، مختلف دؤرن ۾ سياسي پهچ سان يوٽيلٽي اسٽورز بنايا ويا، ڀرتيون به اهڙيءَ طرح هيون. هن مثال ڏنو ته هڪ ننڍي اسٽور ۾ 5 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن اسان انهن جي ري اسٽرڪچرنگ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هڪ تڪ مان 3 هزار يوٽيلٽي اسٽورز جا ملازم آهن، اتان جي وزير فون ڪري چيو ته منهنجي ماڻهن کي نه ڇيڙيو. يوٽيلٽي اسٽورز کي بند نه پيو ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪو ادارو بند ڪري رهيا آهيون ته ان جي مستقل ملازمن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو آهي.