اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ايوان ۾ وزيرن، پارلياماني سيڪريٽريز جي غير حاضريءَ جو معاملو حڪومت ۽ پارٽي قيادت جي ڄاڻ ۾ آڻيندس. منهنجي تجويز آهي ته سمورن وزيرن کي چيئر پابند ڪري ته اهي اجلاس دوران پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبرز ۾ موجود رهن. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران چيئر طرفان جينڪوز بابت ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس بابت وفاقي وزير جي غير موجودگيءَ تي ڪجهه دير ملتوي ڪرڻ جو چيو ويو جنهن تي نويد قمر چيو ته گذريل اجلاس ۾ به قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي چوڻ تي لاڳاپيل وزير جي غير حاضري تي سومر کان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس اربع تائين ملتوي ڪيو ويو. اڄ وري لاڳاپيل وزير ايوان ۾ موجود ناهي، اها پارليامينٽ جي توهين آهي، پارليامينٽ جي ذميوارين کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي ضرورت آهي. ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته معزز ميمبر جي ڳالهه درست آهي. چيئر به ڪيترائي ڀيرا رولنگ ڏني آهي. وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته نويد قمر جي ڳالهه درست آهي، اهڙيون حالتون هجن ته وزير ملڪ کان ٻاهر هجي يا ڪا اهڙي مصروفيت آهي ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ائين ناهي ته وزير کي پنهنجي بابت سوال، ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جو جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن وزير موجود ناهي ته پارلياماني سيڪريٽريءَ کي جواب ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پارليامينٽيرين طور مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان ته اهو مڃڻ جوڳو ناهي، پنهنجي قيادت سان به ان معاملي تي ڳالهائيندس، ڪجهه وزيرن کي هتي ڏٺو ئي ناهي، پنهنجي قيادت ۽ حڪومت سان ان معاملي تي ڳالهائيندس. هن تجويز ڏني ته چيئر هدايت ڏي ته جڏهن اسيمبلي هلندڙ هجي ته سمورا وزير پنهنجي چيمبر ۾ موجود رهن، جڏهن ضرورت هجي ته ايوان ۾ اچي جواب ڏين.