اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ ايم ايف وفد جي ملاقات ٻنهي ڌُرين جي مرضيءَ سان ٿي، حڪومت طرفان ٻنهي کي پابند نه ڪيو ويو، مالياتي نظم ۾ عدليه جو به ڪردار آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض واري نُقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان سمورن مسئلن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مختلف مالي ڏُکيائين مان گذري رهيا آهيون، مالياتي نظم ۾ عدليه ساٿ ڏي. هن چيو ته آءِ ايم ايف وقت گُهريو هوندو، انهن کي ڏنو ويو هوندو.