اسلام آباد-11 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ڪورين وفد سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصليي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران زرعي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن زرعي ٽيڪنالاجي، جانورن جي سارسنڀال ۽ پائيدار زراعت ۾ حصيداريءَ کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي زراعت بابت ڪوريا پروگرام (ڪوپيا) تحت جاري رٿائن تي غور ڪيو ويو. هي منصوبو تصديق ٿيل ٻج جي پيداوار، جديد چاره سازي ۽ زرعي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ذريعي پاڪستان جي زراعت کي جديد رُخن تي آڻڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي جانورن جي سارسنڀال جي نَون منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن جو مقصد ملڪ ۾ کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ واڌ ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪوريا جي جديد زرعي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو ته جيئن زرعي پيداوار ۾ بهتري ۽ پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائي گهجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته زراعت پاڪستان جي معيشت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ وزيراعظم شهباز شريف زرعي شعبي جي ترقيءَ کي پنهنجي پهرين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي. ڪورين وفد پاڪستان کي مئي 2025ع ۾ اي ايف اي سي آءِ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا زرعي تحقيق ۽ سهڪار کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق زرعي شعبي جي بهتري لاءِ پُرعزم آهي ۽ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار جاري رکندي ته جيئن پائيدار زرعي ترقي ۽ غذائي تحفظ کي يقنيي بڻائي سگهجي.