اسلام آباد-11 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ پاڪستان شوگر مينيوفيڪچرز ايسوسيئيشن (پي ايس ايم اي) جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت جي استحڪام ۽ فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس دوران وفاقي وزير کنڊ جي قيمتن کي عوام لاءِ پهچ بابت عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته کنڊ جي ورهاست لاءِ هڪ مائڪرو پلان تيار ڪيو ويندو جيڪو هر ضلعي ۾ هلندڙ هفتي دوران سامهون ايندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي گهٽ قيمت تي کنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن. هن ٻُڌايو ته رمضان جي شروع ٿيڻ کان 3 ڏينهن اڳ هر ضلعي ۾ کنڊ جا اسٽالز لڳايا ويندا جيڪي 27 رمضان تائين جاري رهندا. انهن اسٽالن تي کنڊ گهڻي مقدار ۾ موجود هوندي ته جيئن عوام کي کنڊ جي فراهميءَ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته رعايتي اگهه ۾ کنڊ جي قيمت جو اعلان هلندڙ هفتي ڪيو ويندو ته جيئن عوام خاص طور تي غريب طبقي کي رمضان ۾ سستي اگهه تي کنڊ ميسر ٿي سگهي. هن صوبائي حڪومت جي سهڪار سان سڄي ملڪ ۾ کنڊ جا اسٽالز لڳايا وڃن ته جيئن هر علائقي ۾ عوام کي آسانيءَ سان کنڊ ميسر ٿي سگهي.