اسلام آباد-11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمود عبدالقادر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سفير ٻڌايو ته بحرين جي اسپيڪر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد 16 کان 19 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ بحرين ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. بٻنهي اڳواڻن پاڪ – بحرين پارلياماني فرينڊ شپ گروپ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي زور ڀريو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي زرعي ۽ توانائي جي شعبن ۾ بحرين جي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني افرادي قوت ٻطرفي لاڳاپن ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمود عبدالقادر بحرين سان لاڳاپيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تاثرن جي تعريف ڪئي. بحرين جي سفير پارلياماني مٽا سٽا کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين علائقائي استحڪام ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.