پيانگ يانگ-11 فيبروري (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي ته ملڪ جي هٿياربند فوج ٻيٽ نما ڪوريا ۾ آمريڪي سرگرمين تي گهري نظر رکي آهي ۽ ملڪي سلامتي، مفادن ۽ علائقائي امن جي تحفظ لاءِ ڪو به حربو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه اتر ڪوريا جي دفاع واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن چئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترجمان چيو ته آمريڪا جي لاس اينجلس ڪلاس جي ايٽمي آبدوز يو ايس ايس اليگزينڊ ريا گذريل ڏينهن ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ بحري اڏي تي پهتي آهي. ترجمان چيو ته هلندڙ سال ٻيٽ نما ڪوريا ۾ آمريڪي ايٽمي آبدوز جي پهرين آمد آهي. هن چيو ته اهو قدم اتر ڪوريا جي سلامتي جي ماحول لاءِ هڪ ناقابل ترديد خطرو آهي. آمريڪا خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي.