دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد عبدالله الاحمد الصباح ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان – ڪويت تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ موجوده لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي مضبوط اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد عبدالله الاحمد الصباح سان دبئي ۾ عالمي حڪومتن جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٻطرفي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان – ڪويت تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ موجوده لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي مضبوط اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عزه ۾ جنگبندي جي فوري ۽ مڪمل لاڳو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي رفتار کي وڌائڻ تي زور ڏنو.