دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ گورنمنٽس سمٽ جي موقعي تي ”ايج آف گورنمينٽ“ نمائش جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ گورننس جي بهتري ۽ گورنمنٽس جي مختلف شعبن ۾ قدمن جي جديد مثالن تي ٻڌل نمائش ۾ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نمائش ۾ مختلف شعبن جي حوالي سان چئلينجز جا جديد حل فراهم ڪندڙ ماهرن سان پڻ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سردار اويس خان لغاري، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.