دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات کي پاڪستان جو قابل اعتماد اتحادي قرار ڏيندي اماراتي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني جڏهن ته پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو ته توانائي، انفراسٽرڪچر، کاڻين جي کوٽائي ۽ آءِ ٽي جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل عربا مارات جي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي فرمانروا شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ورلڊ گورنمنٽس سمٽ 2025ع جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي نائب وزير ۽ وزيراعظم ۽ دبئي جي فرمانروا شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دبئي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي ورلڊ گورنمنٽس سمٽ 2025ع ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب امارات جو دورو ڪري رهيو آهي. شيخ محمد بن راشد المڪتوم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شاندار آجيان ڪندي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ۽ پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ورلڊ گورنمنٽس سمٽ ۾ شرڪت جي جلاءِ دعوت تي محمد بن راشد المڪتوم جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم سمٽ جي شاندار انعقاد کي ساراهيو جنهن عالمي اڳواڻن، پاليسي سازن ۽ ماهرن کي طرز حڪومت جي بهتر مستقبل تي عالمي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاروبار ۽ جدت جي عالمي مرڪز جي طور تي دبئي جي شاندار ترقي کي گڏيل عرب امارات جي دورانديش قيادت جو ثبوت قرار ڏنو. گڏيل عرب امارات کي پاڪستان جو قابل اعتماد اتحادي قرار ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين تي روشني وڌي جنهن جو مقصد توانائي، انفراسٽرڪچر، کاڻين جي کوٽائي ۽ آءِ ٽي جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن اماراتي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. شيخ محمد بن راشد المڪتوم پاڪستان سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ دبئي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن مختلف شعبن بشمول مصنوعي ذهانت ۽ موسمياتي تبديلين جي قدمن ۾ وڌندڙ تعاون جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سرگرميون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مستقل حمايت ۽ غيرمعمولي سارسنڀال تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. شيخ محمد بن راشد المڪتوم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي تعاون ۽ گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي ساراهيو.