دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليبيا جي سمنڊ تي ٻيڙي جي حادثي ۾ پاڪستانين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ جهڙو مڪروهه عمل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ مارجي ويلن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته مارجي ويل پاڪستانين جي سڃاڻپ جلد کان جلد مڪمل ۽ متاثر ماڻهن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ جهڙي مڪروهه عمل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. انساني اسمگلنگ جي خلاف ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون.