اسلام آباد – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان 12 کان 13 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو، صدر اردوان سان گڏ اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو جنهن ۾ وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن کانسواءِ ڪارپوريٽ اڳواڻ پڻ شامل هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندا. صدر اردوان، وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هو پاڪستان ترڪ بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندو جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان اهم سيڙپڪار، ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو شريڪ هوندا. بيان موجب هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل فيصلاسازي جو اعليٰ ترين فورم آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ رخ فراهم ڪري ٿو. هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل تحت ڪيتريون ئي گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽيون آهن، جن ۾ واپار، سيڙپڪاري، بئنڪنگ، فنانس، ثقافت، سياحت، توانائي، دفاع، زراعت، ٽرانسپورٽ، مواصلات، آءِ ٽي، صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جا شعبا شامل آهن. هيستائين ايڇ ايل ايس سي سي جا 6 اجلاس منعقد ٿي چڪا آهن. آخري اجلاس 13 – 14 فيبروري 2020ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو. بيان موجب پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخي ڀائراڻي رشتن ۾ ٻڌل آهن. ترڪ صدر جو دورو ۽ هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جو انعقاد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.