دبئي – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ هڪ هزار نوجوانن کي سرڪاري خرچ تي تعليم جي لاءِ چين موڪلي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي معاشي استحڪام جو سفر جاري آهي، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان معدني وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدني وسيلن جي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ بي پناهه صلاحيت آهي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تربيت ڏئي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهيون، جنوري ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 3 ارب ڊالر رهيو آهي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ آهي، روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ ميڪرو اڪنامڪ صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته مشڪل چئلينجز جي باوجود ملڪي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان زرعي وسيلن سان مالامال آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان زرعي شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي، اسان جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو نه کنيو، اسان هڪ هزار فريش گريجوئيٽ کي ايگري ٽيڪ جي تعليم جي لاءِ سرڪاري خرچ تي چين موڪلينداسين جيڪي زراعت جي مختلف شعبن ۾ جديد تربيت حاصل ڪندا، ان سان ملڪ ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ ويليو ايڊيڊ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان تيزي سان فيصلا ڪري رهيا آهيون ۽ ٽيم ورڪ سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، ٽيم ورڪ سان معاشري ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي ترقي جي سفر جي شروعات تي خراج تحسين پيش ڪيو.