دبئي – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ دبئي گڏيل عرب امارات پهچي ويو. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم ۽ دبئي جي فرمانروا شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ گورنمنٽس سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب امارات جو دورو ڪري رهيو آهي.