اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 6 ججن کي مقرر ڪرڻ لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پاران جاري پريس رليز موجب سپريم ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽس جي ججن جي مقرريءَ لاءِ نامزدگين تي غور لاءِ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس سپريم ڪورٽ اسلام آباد جي ڪانفرنس روم منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪميشن پنهنجي سڀني ميمبرن جي اڪثريت سان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شڪيل احمد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم کي سپريم ڪورٽ جي ججز طور مقرريءَ لاءِ نامزد ڪيو آهي. ڪميشن پنهنجي سڀني ميمبرن جي اڪثريت سان جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ جي وقتي جج طور مقرريءَ لاءِ نامزد ڪيو.