اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان کان عدالت جي قانوني معاملن جي ذميداري واپس ورتي وئي ۽ ان جاءِ تي ايڊيشنل جج جسٽس راجا انعام امين منهاس کي قانوني معاملن جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي هدايتن تي ڊپٽي رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب جسٽس راجا انعام امين منهاس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قانوني ونگ جي معاملن کي ڏسندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس راجا انعام امين منهاس کي عوامي مفاد ۾ فوري طور قانوني معاملن جو جج مقرر ڪيو وڃي ٿو. 2022ع ۾ جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق کي قانوني ونگ کي ڏسڻ جي ذميداري ڏني وئي هئي.