لاهور-07 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار ۽ شموليتي ترقيءَ لاءِ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، سي پي اي ڪانفرنس هڪٻئي جي تجربن جي مٽاسٽا جو موقعو فراهم ڪندي، نظم ۽ ترتيب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار هوندو آهي. فيڪ نيوز ۽ ڊس انفارميشن اڄ جو وڏو چئلينج آهي، پارليامينٽ ئي عوامي اُمنگن جي ترجمان هوندي آهي. اهڙو اظهار هن پنجاب اسيمبليءَ ۾ دولتِ مشرڪه پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي پهرين گڏيل علائقائي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر خطاب ڪندي نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هي اجتماع جامع ترقي ۽ پائيدار مستقبل لاءِ اسان جي گڏيل وابستگي جو اهڃاڻ آهي، سي پي اي ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان کي ان شاندار ڪانفرنس جي ميزباني تي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سي پي اي ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن سان پاڪستان جا خوشگوار ناتا قائم آهن، 2019ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل اسان جي آخري علائقائي اجلاس کانپوءِ اسان کي پنهنجي قانونساز اسيمبلي وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پارلياماني ناتن کي مضبوط ڪري سگهجي، علائقائي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهي ۽ جمهوريت، بهتر طرزِ حڪمراني ۽ پائيدار ترقي لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪري سگهجن. هن چيو ته قانونسازن وچ ۾ اثرائتو ۽ مسلسل رابطو ضروري آهي. نظم ۽ ترتيب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار هوندو آهي، اسان مالديپ کي ٻيهر دولتِ مشترڪه پارلياماني برادريءَ ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ تاريخي پارلياماني تعاون آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته سندس شموليت سان اسان جو مشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پُراڻا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ تعاون تي ٻَڌل آهن، اسان امن، واپار ۽ حصيداريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم تي عمل پيرا آهيون. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي به دوستي به اقتصادي حصيداري ۽ عوامي رابطن تي ٻَڌل آهي، اسان علائقائي امن ۽ ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ ملائيشيا جي ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جا خواهشمند آهيون، جيتوڻيڪ بنگلاديش جي غير موجودگيءَ جو افسوس آهي پر اسان کي سندس قيدت جي دانشمنديءَ تي يقين آهي ۽ اسان جمهوري ادارن جي جلد بحالي جا منتظر آهيون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيل اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ پارلياماني عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، ان ڪانفرنس جو هڪ اهم سنِگ ميل ”پاڪستان نيشنل گروپ آف ڪامنٿ ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن“ جو قيام هو، جنهن جو مقصد پاڪستاني قانونسازي اسيمبلين وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ کين دولتِ مشترڪه پارلياماني برادريءَ ۾ هڪ مؤثر ڪردار ڏيارڻو آهي. جمهوري چئلينجز ۽ پارلياماني ڪردار جي حوالي سان هن چيو ته اڄ سڄي دنيا جون جمهوريتون عوامي اُميدن، پولرائزيشن ۽ اشرافيه جي تسلط جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيون آهن، فيڪ نيوز ۽ ڊس انفارميشن اڄ جو وڏو چئلينج آهي، اڄ جي دنيا کي موسمياتي تبديليءَ سميت ٻيا به چئلينجز درپيش آهن، هر طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽس جو ڪردار تمام اهم هوندو آهي، عوام جي اُميدن ۾ واڌ، ايگزيڪيوٽو جي ڪارڪردگيءَ تي سخت عوامي نگراني ”سُٺي حڪمراني“ جي وڌندڙ بحث تي پارلياماني نظام ۾ شفافيت، عوامي شرڪت ۽ نجي شعبي سميت سمورن معاشرتي طبقن جي شموليت جي گُهر ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي اُڀرندڙ جمهوريت غربت، ماحولياتي تبديلي، ڊجيٽل ترقي ۽ عوامي صحت جهڙن مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهي آهي، انهن مسئلن جو حل ”گڏيل حڪمراني“ ۾ آهي جيڪو اتفاقِ راءِ ۽ گڏيل نيٽ ورڪنگ جي ٻن اصولن سياسي ۽ ادارتي حصن تي ٻَڌل آهي. سياسي حصيداريءَ ۾ پاڪستان ۾ قومي ۽ علائقائي پارٽين جو وسيع اتحاد جوڙيو، جنهن معيشت جي بحاليءَ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ادارتي حصيداريءَ ۾ حڪومت ۽ سول بيورو ڪريسي، سول سوسائٽي ۽ ڪميونٽيز عوامي خدمتن جي بهتريءَ لاءِ مضبوط نيٽ ورڪ بڻايا. هن چيو ته پنجاب ۾ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعليٰ اعليٰ تعليم لاءِ مڪمل فنڊڊ اسڪالرشپ، آبادگارن لاءِ منصوبا، بي گهر ماڻهن لاءِ رهائشي اسڪيمون ۽ معذور ماڻهن لاءِ خصوصي اسڪيمون متعارف ڪرايون، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ ڪامياب ماڊلز سنڌ ۾ صحت ۽ 22ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ رهائش جا بهترين منصوبا، ڪي پي ڪي ۾ احساس پروگرام ذريعي سماجي ڀلائي جي قدمن، بلوچستان ۾ ءِ ٽي تي ٻَڌل سروس ڊليوري، سستي سولر پينلز ۽ جديد مائيننگ انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ جي ذريعي روزگار جا موقعا، علائقائي تعاون ۽ عالمي تجربن مان اسان کي هڪٻئي کان سکڻ جا بيشمار موقعا ميسر آهن. اسپيڪر چيو ته سريلنڪا ۾ ويم دوران ماءُ ٻار جي سارسنڀال ۾ عالمي معيار عيوض ماءُ ٻارن ۾ موت جي شرح دنيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي، مالديپ ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ پائيدار حڪمت عملي، ملائيشيا ۾ شاندار فني ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي اهي سمورا ڪامياب تجربا اسان لاءِ مشعل راهه آهن. پاڪستان جي وفاقي ۽ علائقائي اسيمبليون عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ خصوصي پارلياماني فورمز جوڙيا آهن ته جيئن جامع ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي.