اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي جاري ڪري ڇڏي، ان عرصي ۾ 8174 ڪيس اُڪلايا ويا، جڏهن ته 4963 نوان ڪيس داخل ٿيا. سپريم ڪورٽ مان جاري بيان موجب چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ پهرين 100 ڏينهن ۾ (26 آڪٽوبر 2024ع کان 6 فيبروري 2025ع) تائين سپريم ڪورٽ انصاف جي شعبي ۾ ڪارڪردگي، شفافيت، احتساب ۽ رسائيءَ کي وڌائڻ لاءِ اهم سڌارن لاڳو ڪيا آهن. انهن ڪوششن ڪيس مئنجمينٽ کي بهتر بڻائڻ، اصيلن ۽ وڪيلن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ قانوني معاملن جي وقت سر حل کي يقيني بڻائڻ تي توجهه ڏني وئي ۽ وڌيڪ جامع قانوني ڍانچو بڻائڻ لاءِ چيف جسٽس قانوني برادري، ترقياتي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن سان ڪم ڪيو آهي ۽ گڏ ئي آن لائن فيڊ بيڪ فارم، اسٽيڪ هولڊرز جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي آفيشل ويب سائٽ تي فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن انصاف واري نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِسفارشون گڏ ڪري سگهجن. انهن سڌارن ۾ هڪ اهم قدم آهي. حلف نامي ۽ فوري تصديق ٿيل ڪاپي جو آهي، جنهن سان طريقيڪار ۾ دير کي نمايان طور تي گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ قانوني چاره جوئي ۽ وڪيلن جي رسائيءَ ۾ بهتري آئي آهي. وڌيڪ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئييشن سان مشاورت سان ڪيسن جي شروعاتي ٻُڌڻيءَ لاءِ رهنما خط تيار ڪيا ويا آهن. معاشي نظم ۽ ترتيب ۾ ٽيڪس بابت قانوني چاره جوئي جي ڪردار کي تسليم ڪندي عدليه اهڙا ڪيس حل ڪرڻ کي تيز ڪرڻ ۽ بيڪ لاگ کي گهٽ ڪرڻ جا قدم متعارف ڪرايا آهن. ڪارڪردگي رپورٽ موجب گذريل 100 ڏينهن دوران سپريم ڪورٽ 8174 ڪيسن جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته 4963 نوان ڪيس داخل ٿيا آهن. هي عدالتي ورڪ فلو ۾ هڪ هاڪاري تبديليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ وقت سر انصاف کي يقيني بڻائي ٿو. هي بهتري هاڻوڪي عدالتي سڌارن جي اثرن کي ظاهر ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح جوڊيسل ڪميشن آف پاڪستان کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت ذريعي جامع قاعدا وضع ڪرڻ تي بنيادي توجهه هئي، اهي قاعدا واضح ميرٽ تي ٻَڌل معيار قائم ڪن ٿا، سُڃاڻپ کي هموار ڪن ٿا ۽ شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آٽوميشن کي مضبوط ڪن ٿا. هڪ وقف ٿيل سيڪريٽريٽ احتساب کي هٿي ڏئي ٿو جيڪو عدالتي مقرريءَ جي عمل کي وڌيڪ منظم ۽ غير جانبدار بڻائي ٿو. ڪميشن جي سيڪريٽري جي مقرري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجن ئي هاءِ ڪورٽس ۾ 36 ايڊيشنل ججن جي نئين مقرري ۽ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جوڙڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. آئيني مينڊيٽ جي پاسداري ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ منصفافي صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ميرٽ جي بنياد تي ترقين کي به هٿي ملي آهي، عدالتي نظام ۾ شفافيت کي يقيني بنائڻ لاءِ هر هاءِ ڪورٽ جي 5 سينيئر ججن کي ترقي ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. عدالتي احتساب کي هٿي ڏيڻ لاءِ، سپريم جوڊيشل ڪائونسل پنهنجي آپريشنل صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ هڪ ڌار سيڪريٽريٽ قائم ڪيو آهي. هڪ مستقل سيڪريٽري سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي مقرري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ بهتر نگراني ۽ ڪيسن کي اُڪلائڻ لاءِ باقائده ميٽنگز جاري آهن. انهن سڌارن جي هڪ اهم پاسي ۾ آئيني عهديدارن خلاف شڪايت جو فوري حل، احتساب جي طريقيڪار کي مؤثر طريقي سان ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ عدليه تي عوام جي اعتماد کي برقرار رکڻ شامل آهي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ اينڊ پروسيجر آف انڪوائري 2005ع ۾ ترميمن تي غور ڪيو پيو وڃي. ڪائونسل پنهنجي ٻنهي اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 209 تحت آئيني عهديدارن خلاف مليل 46 شڪايتن جو جائزو ورتو، جن ۾ 40 اُڪلايا ويا، جڏهن ته 5 شڪايتن تي راءِ طلب ڪئي وئي ۽ هڪ کي معلومات لاءِ موڪليو ويو. پاڪستان جي لا اينڊ جسٽس ڪميشن رٽائرڊ ججن جي جاءِ وٺي اسٽيڪ هولڊرز جي وسيع تر شرڪت کي يقيني بڻائيندي عدالتي ڪارڪردگي ۽ قانوني نمائندگي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڏا سڌارا متعارف ڪرايا آهن. نَوان شامل ڪيل بار جي نمائندن ۾ مخدوم علي خان (ڪراچي)، خواجه حارث (پنجاب)، ڪامران مرتضيٰ (بلوچستان)، فضل حق (پشاور) ۽ منير پراچا (اسلام آباد) ۽ پاڪستان جي سمورن بار ڪائونسلز طرفان گڏيل طور تي نامزد ڪيل هڪ ميمبر شامل آهن. انصاف تائين رسائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ۾ ايل جي سي پي جيل سڌارا شروع ڪيا آهن، جن ۾ جيلن جي باقاعده دؤري ۽ ڏورانهن ضلعن تائين رسائي شامل آهي ته جيئن حالتن جو جائزو وٺي سگهجي ۽ منصفاڻي قانوني نگرانيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ضلعي عدليه جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضلعي عدليه لاءِ غير ملڪي تربيتي پروگرام متعارف ڪرايا اهن، جنهن سان ججن کي عالمي بهترين طريقن سان روشناس ڪرائي سگهجي ٿو. فيبروريءَ جي آخري هفتي ۾ متوقع اين جي پي ايم سي اجلاس جي ايجنڊا جي تياري زورن تي آهي. چيف جسٽس جي ويزن کانپوءِ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي مسلسل قانوني تعليم ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ هڪ شروعات ڪئي آهي. بار ڪائونسلز ۽ـ بار ايسيوسيئيشنز لاءِ هڪ واٽس ايپ ڪميونٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا سڄي ملڪ ۾ قانوني ماهرن کي آن لائن ڪورسز ۽ تعليمي وسيلن تائين مفت رسائي فراهم ڪري ٿي. اهي قدم ڪيمپس ۾ تربيت جي تڪميل ڪري ٿو، خاص طور تي ڏورانهن علائقن جا وڪيل، جن کي پيشيوراڻي ترقيءَ جي موقعن تائين رسائي حاصل نٿي ٿي سگهي، انهن کي فائدو پهچائي ٿو. عدالتي سڌارن ۾ بار جي فعال شرڪت کي يقيني بڻائي قانوني برادريءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. بار سان سڌارن جي مرحلن يعني تصور کان لاڳو تائين ۾ مشاورت ڪئي پئي وڃي. بار جي مشاورت سان فوري طور تي جلد ٻُڌڻيءَ جي پاليسيءَ کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان کي فوري طور تي عملي جامو پهرايو ويو. قانوني پيشيور ماڻهن کي موجوده قانوني علم، جديد قانوني چاره جوئي ۽ـ اخلاقي بهترين طريقن سان آراسته ڪرڻ لاءِ تربيت ۽ صلاحيت سازي جا پروگرام متعارف ڪرايا ويا آهن.