واشنگٽن-07 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته پاڪستان انسانيت ۽ مذهبن جي احترام جي ڊگهي تاريخ آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سڄي آمريڪا مان آيل مذهبي اڳواڻن جي وفد سان ملاقات ۾ هن چيو ته اسان جي پوري تاريخ ۾ اسان هڪ روادار قوم رهيا آهن جنهن پنهجي ڪيترن ئي هزار سالن جي تاريخ ۾ مذهبن ۽ تمدن جو احترام ڪيو آهي. هن پاڪستان جي جهنڊي جو هڪ عهدنامي طور حوالي ڏيندي چيو ته پاڪستان جي جهنڊي ۾ سفيد رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. آمريڪن سينٽر فار رليجيئس فريڊم (اي سي آر ايف) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جناه اسڪاٽ جي اڳواڻيءَ ۾ مذهبي اڳواڻن، اسڪالرز ۽ ڪميونٽي جي عملمبردارن جي وفد يڪجهتي ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي بين المذاهب مصروفيتن جي جُز طور پاڪستاني سفارتخاني جو دؤرو ڪيو. وفد ۾ پري ان جيزز نيم آرگنائيزيشن جي ڊاڪٽر چپلين گورڊن، اي سي آر ايف جي باني بورڊ جي چيئرمين عدنان خان، اي سي آر ايف ۾ بورڊ جي وائيس چيئر پيگي بلسٽن، نيڪول اسٽرلنگ، اسٽرلنگ فائونڊيشن جي وي پي ۽ چيف رليشن آفسر ۽ اوليو ڪنسلٽنگ انٽرنيشنل پروگرامز جي ڊائريڪٽر صوفيه اوٽاسووي شامل هئي. پاڪستاني سفير پنهنجي ريمارڪس ۾ گڏيل بقا ۽ ڳالهين جي اهميت جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ۽ مذهبي اختلافن سميت تڪرارن جي حل ۾ سفارتڪاري جي ڪردار تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صرف گڏ ٿيڻ سان شڪ ۽ شبها ۽ اڳ کان تصور ٿيل بدگمانين جو وڏو حصو ختم ٿئي ٿو. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان هڪ قومي رياست طور ڪڏهن به عالمي مسئلن جي حل جي تلاش ۾ ڳالهين کان پوئتي نه هٽيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جون ترجيحيون اختلاف نه پر گڏيل بنياد تي مستقبل جي سُڃاڻپ بڻائڻ آهي. ان موقعي تي آمريڪن سينٽر فار رليجيئس فريڊم جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جناه اسڪاٽ سفارتخاني ۾ ميزباني ڪرڻ ۽ ڳالهين ۾ شروعات تي پاڪستاني سفير جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان جي سفارتخاني سان تعاون مختلف مذهبن وچ ۾ امن ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيندو. وفد پاڪستاني سفير کي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان پيس اينڊ هار مني گيدرنگ 2025ع جي بندوبست جي تجويز کان به آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي مذهبي برادريءَ وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستاني سفير ان تجويز کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سفارتخاني طرفان تعاون جي خاطري ڪرائي.