اسلام آباد _7 فيبروري (اي پي پي ) ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، پرنس ڪريم الحسيني آغا خان04 جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پرتگال جي گادي واري شهر لزبن روانو ٿي ويو . ناڻي واري وزير طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ناڻي وارو وزير، وزيراعظم جي هدايت تي پرنس ڪريم آغا خان جي آخري رسمن ۾ پاڪستان حڪومت جي نمائندگي ڪندو . ناڻي وارو وزير مرحوم پرنس ڪريم الحسين لاءِ دعائن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندو جيڪا لزبن ۾ ٿيندي.