جده – 7 فيبروري (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسلامي سهڪار تنظيم(او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه سان جده ۾ ملاقات ڪئي ، ملاقات ۾ او آئي سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ترقياتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي امڪان تي ڳالهيون ڪيون. وزارت پاران جاري بيان مطابق ملاقات دوران وفاقي وزير (او آئي سي) سان گڏ پاڪستان جي ويجهن رابطن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته مسلم دنيا ۾ اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح جون ملاقاتون انتهائي اهم آهن . هن پاڪستان جي وزيراعظم طرفان او آئي سي جي سيڪريٽري جنرل جو شڪريه ادا ڪيو ته هن 12-11 جنوري 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ مسلمان برادري ۾ نياڻين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي . واپار واري وفاقي وزير او آئي سي جي عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي به ساراهيو . واپار واري وزير او آئي سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته خوشحالي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . هن او آئي سي جي سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته سندس نگراني هيٺ کنيل قدمن سان ميمبر ملڪن وچ ۾ واپاري سهڪار ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي . واپار واري وزير ڄام ڪمال خان او آئي سي جي سيڪريٽري جنرل کي جده انٽرنيشنل ايگزهيبيشن اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري ميڊ ان پاڪستان نمائش جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ان ايونٽ کي پاڪستاني صنعت جي طاقت کي اجاگر ڪرڻ جو هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو . هن وڌيڪ چيو ته اها نمائش او آئي سي جي ميمبر ملڪن سان اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي . ڄام ڪمال خان ان موقعي تي پاڪستان طرفان لاهور ۾ هلندڙ سال منعقد ٿيندڙ 18 هين او آئي سي واپاري نمائش منعقد ڪرائڻ جي عزم جو ورجءُ پڻ ڪيو ۽ او آئي سي جي حمايت ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته جيئن اهو ايونٽ ڪامياب ٿي سگهي . اوآئي سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه پاڪستان جي او آئي سي ۾ اقتصادي انضمام کي هٿي ڏيڻ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو . هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته او آئي سي واپاري سيڙپڪاري ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪستان سان گڏجي ڪري ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهي . ملاقات جي آخر ۾ واپار واري وزير ڄام ڪمال خان او آئي سي جي معزز مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا ۽ مسلمان امت جي اتحاد ۽ ترقي لاءِ او آئي سي جي ڪردار تي ڀرپور اعتماد جو اظهارڪيو . ڌرين گڏيل ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ ۽ او آئي سي جي ميبر ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.