اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير اڪاماٽسوشوچي ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ پراڻا دوست آهن، ڏکئي وقت ۾ جاپان هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺل هوندو آهي. ملاقات ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جاپاني سفير جاپان طرفان پاڪستان جي ترقياتي ۽ اقتصادي هدفن جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اوورسيز ڊويلپمينٽ اسسٽنس (او ڊي اي) جا 70 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر به ڪيو ويو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.