اسلام آباد-07 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم مضبوط موسمياتي قدمن ۽ سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاليسي ساز،ڪاروباري اداري ۽ سول سوسائٽي موسمياتي تبديلي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بريٿ پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان عالمي موسمياتي بحران جو شڪار آهي. پاڪستان جو عالمي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.رومينه خورشيد چيو ته موسمياتي تبديلي واري مسئلي جي حل لاءِ گڏيل طور تي ڪوششن جي ضرورت آهي. موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي شراڪت داري جو ڪردار اهم آهي.هن چيو ته موسمياتي مالي سهڪار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صلاحيت سازي تمام گهڻي ضروري آهي ، صوبائي سطح تي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان حوصلي جوڳا قدم کنيا پيا وڃن.رومينه خورشيد عالم چيو ته پنجاب موسمياتي تبديلي ۽ پائيدار شهري منصوبابندي ۾ اڳيان آهي. ڪي پي ڪي ۾ ٻيلن جي واڌ ويجهه ۽ حفاظت مثالي آهي.