اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2025ع جي موقعي تي مقدس هنڌن تي خدمتون انجام ڏيندڙ ناظمن ۽ مددگارن جي چونڊ جي پهرين مرحلي ۾ اين ٽي ايس جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، قطعي ميرٽ لسٽ، فزيڪل ٽيسٽ کانپوءِ جاري ڪئي ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ناظمن ۽ مددگارن جي چونڊ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير مان مقرر ٿيل ڪوٽا تحت ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ اميدوارن جو اين ٽي ايس ٽيسٽ ورتو ويو جنهن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهي نتيجا اميدوار اين ٽي ايس جي ويب سائٽ تي ڏسي سگهن ٿا. مذهبي معاملن واري وزارت طرفان ايندڙ ٻن هفتن دوران اميدوارن جي فزيڪل ٽيسٽ جو شيڊول ڏنو ويندو جنهن ۾ ڪامياب اميدوارن جي ميرٽ لسٽ وفاقي گادي واري شهر، چئني صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير لاءِ مقرر ڪيل ڪوٽا تحت تيار ڪئي ويندي. ان مرحلي ۾ وڌيڪ 20 کان 25 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.