اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ميڊ اِن پاڪستان نمائش ۽ بزنس فورم جي موقعي تي اعليٰ سعودي عملدارن سان خاص ملاقاتون ڪيون، جن ۾ ٻه طرفي اقتصادي ناتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي ڄام ڪمال خان، جنرل اٿارٽي آف فارن ٽريڊ جي ڊپٽي گورنر عبدالعزيز السڪران سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ڊپٽي گورنر ڪاميابي واپاري نمائش جي بندوبست ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ـ ان نمائش کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ناتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. وفاقي وزير جي سعودي چيمبرز آف فيڊريشن جي چيئرمين حسن مجيب الهويضي سان به اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اداره جاتي ڀائيواري ۽ واپاري ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ڄام ڪمال خان سعودي چيمبرز جي ڪردارکي ساراهيندي چيو ته ٻه طرفن واپاري ناتن کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ڪاروباري ۽ـ واپاري سرگرميون (بزنس ٽو بزنس) منظم ڪرڻ گهرجن ته جيئن نجي شعبي جي ڌُرين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي ۽ واپاري موقعن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ميڊ اِن پاڪستان نامئش ۽ بزنس فورم جيڪو 5 کان 7 فيبروري تائين جده انٽرنيشنل ايگزيبيشن اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري آهي، پاڪستاني صنعتڪارن ۽ سعودي سيڙپڪارن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري رهيو آهي جتي هو پاڪستان جي صنعتي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون جا موقعا تلاش ڪري سگهن ٿا. اي