جده-06 فيروري(اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت سوشل ميڊيا تي ادرڪ جي استعمال کي نقصانڪار قرار ڏيڻ تان کيس گرفتار ڪرائي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت کاتي سوشل ميڊيا تي اهڙو بيان وائرل ٿيڻ کانپوءِ ان شخص بابت معلومات حاصل ڪري کيس جاچ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. جاچ ۾ واضح ٿيو ته ان شخص جو طب جي شعبي سان ڪو تعلق ئي ناهي ۽ نه ئي حڪيم آهي. سوشل ميڊيا تي فالوورز وڌائڻ لاءِ اهڙي قسم جون وڊيوز اپ لوڊ ڪندو آهي.