اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ 2050ع تائين سالياني 40 کان 50 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. عالمي موسمياتي ڪانفرنس بريٿ پاڪستان پاڪستان کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪلائمينٽ فنانس جي موضوع تي کيس تمام گهڻو لڳاءُ آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ـ عالمي منظرنامي کي درپيش ان خطري کي مُنهن ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، نه ته اسان کي معاشي مسئلن جو مُنهن ڏسڻو پوندو. اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر سليم رضا خطاب ڪندي چيو ته ڪاربان کي خارج ڪرڻ جي حد سبب ڪيتريون ئي ڪمپنيون ان ۾ گهٽتائيءَ جا طريقا ڳولي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري سيڙپڪاريءَ بدران صرف ۽ صرف نجي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري سيڙپڪاري اڳ ئي بار هيٺيان دٻيل آهي. ان موقعي تي هن اسڪرين تي هڪ ڪاٿو ڏيکاريو ته اڄ جي ڀيٽ ۾ ايندڙ 5 سالن ۾ نجي سيڙپڪاريءَ ۾ ڪيتري واڌ ٿيڻي آهي، اها پرڏيهي فنانس ۾ 15 کان 18 ڀيرا وڌيڪ ۽ اندرون ملڪ ۾ جمع ڪيل رقم ۾ 5 کان 7 ڀيرا وڌيڪ تائين آهي. هن چيو ته اڄ ڪمپلائينٽس ٽريڊنگ مارڪيٽ تقريبن 800 ارب ڊالر آهي، اها سڀ نجي سرگرمي آهي، اها ڪمپلائينٽس مارڪيٽ آهي. سليم رضا وڌيڪ چيو ته رضاڪاراڻي ٽريڊنگ مارڪيٽ پڻ آهي.