بيجنگ – 05 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب عظيم عوامي ايوان ۾ منعقد ٿي. چيني صدر شي جن پنگ ۽ صدر آصف علي زرداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي عظيم عوامي ايوان ۾ منعقد مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون، صنعتي شعبي، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي صحيحون ٿيون. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحت جي شعبي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون، ميڊيا، توانائي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ٺاهن تي پڻ صحيحون ٿيون آهن. صدر آصف علي زرداري چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ صدر سان گڏ چين جو دورو ڪري رهيو آهي.