بيجنگ – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ چين جي صدر شي جن پنگ ملاقات دوران گڏيل مستقبل جي پاڪ – چين ڪميونٽي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان علائقائي رابطن، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري جي چين جي عظيم عوامي ايوان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان مثبت رفتار ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات کان اڳ صدر جي اعزاز ۾ آجياڻي واري تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي ۽ چين جي عظيم عوامي ايوان ۾ اچڻ تي صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. چيني ٻارن جي هڪ گروپ پڻ صدر جو شاندار استقبال ڪيو. صدر آصف علي زرداري ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي صدرن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ۽ چيني صدر جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي صدرن ٻطرفي حصيداري جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بنيادي دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڳالهه ٻولهه دوران چين سان سدا بهار تعاون جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منفرد، آزمايل ۽ خصوصي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته چين جي مثالي ترقي ۽ خوشحالي چيني قيادت جي ويزن ۽ چيني عوام جي فعاليت جو مظهر آهي. صدر بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي تحت عالمي ترقي ۾ چين جي گهري تعاون تي صدر شي جن پنگ کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي تحت گڏيل طور تي ڪارائتي تعاون جي تصور جو روشن مثال آهي. ملاقات دوران پاڪ چين اقتصادي لنگهه 2.0 جي اعليٰ معيار جي ترقي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات جي موقعي تي هڪ پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان علائقائي رابطن، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي کي فروغ ملندو. ملاقات ۾ گڏيل مستقبل جي پاڪ چين ڪميونٽي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. صدر چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت صدر شي جن پنگ کي هڪ ويزنري اڳواڻ ۽ پاڪستان جي خاص دوست جي طور تي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ملاقات کانپوءِ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب پڻ منعقد ٿي. تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميڊيا، توانائي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. بعد ۾ چين جي صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.