نيويارڪ-06 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ امدادي اداري يو ايس ايڊ جي بندش ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازين پاليسين خلاف مظاهرا ٿيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب فلاڊيلفيا، ڪيليفورنيا، مشيگن ، ٽيڪساس ، انڊيانا سميت ٻين رياستن ۾ به مظاهرو ڪندڙن صدر ٽرمپ جي پاليسين خلاف ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ۽ سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جنهن تي امير ترين شخص ايلون مسڪ ۽ ٽرمپ جي حامين پاران تيار ڪيل سياسي تجويز تي ٻڌل پراجيڪٽ 2025ع جي مخالفت ۾ لفظ لکيا هيا. رياست جي گادي واري هنڌ رياست مشي گن جي گادي واري هنڌ ليننگ ۾ سوين ماڻهون تمام گهڻي ٿڌ ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کاءِ روڊن تي نڪتا. ان سلسلي ۾ ڪانگريس ميمبرن به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ منصب سنڀاليندي واپار ، اميگريشن ، ماحولياتي تبديلين ۽ ٻين معاملن تي صدارتي حڪم ناما جاري ڪيا آهن.