تهران – 6 فيبروري (اي پي پي) ايران چيو آهي ته ايٽمي هٿيارن بابت آمريڪا جي ڳڻتي ختم ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته اسان جي ايٽمي هٿيارن جي تياري بابت آمريڪي خدشو ڪو مونجهاري وارو مسئلو ناهي تهران جي وسيع تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي مخالفت کي نظر ۾ رکندي ان کي حل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن بنيادي ڳڻتي اها آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيارن جي جستجو نه ڪرڻ گهرجي ته اهو ڪو مونجهاري وارو مسئلو ناهي، ايران جو موقف واضع آهي ته ايران عدم پکيڙ جي معاهدي جو ميمبر آهي ۽ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي فتوا اڳ ئي (وسيع تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي خلاف ) اسان جو موقف واضع آهي. سندس چوڻ هو ته وڌ کان وڌ دٻاءَ هڪ ناڪام تجربو آهي ۽ ان کي ٻيهر آزمائڻ هڪ ناڪامي جو سبب بڻجندو.