بيجنگ – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي بيجنگ ۾ چين جي عظيم عوامي ايوان ۾ اچڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ پنهنجي هم منصب جو شاندار استقبال ڪيو، گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چين جي عظيم عوامي ايوان ۾ پهچڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. صدر جي عظيم عوامي ايوان ۾ اچڻ تي چين جي هٿياربند فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. چيني ٻارن جي هڪ گروپ صدر آصف علي زرداري کي شاندار انداز ۾ ڀليڪار ڪيو، ان موقعي تي ٻنهي صدرن پاڻ سان گڏ وفد جي ميمبرن جو هڪ ٻئي سان تعارف پڻ ڪرايو.