بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي چيني هم منصب شي وينجن سان ملاقات جي موقعي تي اتفاق ڪيو آهي، ته انٽيليجنس شيئرنگ کي وڌيڪ بهتر بڻايوو يندو. ان موقعي تي پيراملٽري فورسز ۽ بارڊرز کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سهڪار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. پوليس لاءِ جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي جي چين کان حاصل ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون به ٿيون. محسن نقوي چيو ته چين کان پوليس لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزار وٺنداسين. ملاقات ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ بيجنگ پوليس ۽ اسلام آباد پوليس ۾ سهڪار وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.وفاقي وزير پنهنجي چيني هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.