بيجنگ – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو، پرنس ڪريم آغا خان پاڪستان جي سماجي شعبي جي بهتري جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پرنس ڪريم آغا خان جي انسانيت جي لاءِ انمول خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، پاڪستان جو اهڙو مخلص دوست وڃائڻ تي لفظ ڏک کي ڀري نه ٿا سگهن. هن چيو ته مرحوم پرنس ڪريم آغا خان گلگت بلتستان جي تعليمي منظرنامي ۾ انقلاب ۾ آندو، پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي پاڪستان جي هر دوري دوران عوام جي لاءِ دلي محبت جو مظاهرو ڪيو، پرنس ڪريم آغا خان پاڪستان ۾ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا جن مان اڪثر مڪمل ٿي چڪا، پرنس ڪريم آغا خان جا قدم ان جي لاءِ هڪ حقيقي صدقه جاريه آهي، اميد آهي ته نئون روحاني پيشوا پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلندي خدمت جا نوان مثال قائم ڪندو. صدر پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران آغا خان خاندان ۽ عالمي اسماعيلي برادري سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر هن وقت چين جي سرڪاري دوري تي آهي.